بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن

نجم الدین بھٹو

اِنَّ الصَّفَا وَالْمَرْوَۃَ مِنْ شَعَائِرِ اللہِ فَمَنْ حَجَّ الْبَیْتَ اَوِ اعْتَمَرَ فَلاَ جُنَاحَ اَنْ یَّطَّوَّفَ بِھِمَا  ( البقرۃ : ۱۵۸)

بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن پوءِ جيڪو حج ڪري بيت جو يا عمرو ڪري پوءِ نه آهي گناهه ان تي جو چڪر هڻي انهن جي وچ ۾ .

حَافِظُوْا عِلَی الصَّلَوَاتِ وَالصَّلوٰۃِ الْوُسْطٰی ( البقرۃ : ۲۳۸ )

حفاظت ڪيو سڀني نمازن جي ۽ (خاص ڪري) وچ واريءَ نماز جي .

وَالصَّلوٰۃِ الْوُسْطٰی مان ڪهڙي نماز مراد آهي ؟ ان ۾ مفسرن جو اختلاف آهي . ڪي فجر جي نماز ٿا چون (1) علامه قرطبيءَ عليه الرحمة لکيو آهي ته ان ۾ ڏهه قول آهن (2) پر وڌيڪ قول اهو آهي ته ان مان مراد ٽپهري نماز آهي . حضرت علي، حضرت ابن مسعود ۽ سيده عائشه رضي الله عنها وعنهما جو اهو قول آهي . امام اعظم عليه الرحمة جو به اهو ئي مذهب آهي.

وَاِنْ تُبْدُوْا مَا فِیْ اَنْفُسِکُمْ اَوْ تُخْفُوْہُ یُحَاسِبْکُمْ بِہِ اللہُ فَیَغْفِرُ لِمَنْ یَّشَآئُ وَیُعَذِّبُ مَنْ یَّشَآئُ  ( البقرۃ : ۲۸۴ )

۽ جيڪڏهن ظاهر ڪند‌‍‍ؤ جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي يا لڪائيندؤ ان کي ته حساب ڪندو اوهان سان ان جو الله پوءِ بخشيندو جنهن کي گهرندو ۽ عذاب ڪندو .

نه ٿو تڪليف ڏي الله ڪنهن نفس کي مگر ان جي طاقت آهر . ان جي لاءِ اهو (ثواب) آهي جو ڪيائين ۽ ان تي ان جو (وبال) آهي جو (بروعمل) ڪيائين .

وَاِنْ خِفْتُمْ اَلاَّ تُقْسِطُوْا فِی الْیَتٰمٰی فَانْکِحُوْا مَا طَابَ لَکُمْ مِّنَ النِّسَآئِ مَثْنٰی وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَاِنْ خِفْتُمْ اَنْ لاَّ تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَۃً  ( سورۃ النسائ : ۳ )

۽ جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته نه انصاف ڪري سگهندؤ يتيمن ( جي معاملي ) ۾ ته پوءِ نڪاح ڪيو انهن سان جو وڻيون اوهان کي عورتن مان ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پوءِ  جيڪڏهن ڊڄو ٿا جو نه عدل ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ هڪڙي (پرڻجو ) .

شان نزول

اسلام ڪان اڳي جاهليت جي دور ۾ جن ماڻهن جي سنڀال ۽ ورثي ۾ يتيم ڇوڪريون هونديون هيون ۽ نڪاح جي لحاظ سان انهن لاءِ حلال هونديون هيون ته انهن مان ڪن سان حسن ۽ سونهن جي ڪري ته ڪن سان سندن ورثي ۾ آيل مال ، ملڪيت جي ڪري نڪاح ڪري وهندا هئا پر نه انهن کي صحيح مهر ڏيندا هئا ۽ نه انهن سان صحيح سلوڪ رکندا هئا . انهن جي باري ۾ هئٰ آيت لٿي هئي. جنهن ۾ الله تعالى فرمايو ته انهن يتيم ڇوڪرين جي بجاءِ ٻين عورتن مان جن کي پسند ڪيو ٿا چئن تائين شادي ڪري سگهو ٿا .

یَسْتَفتُوْنَکَ فِیْ النِّسَآئِ قُلِ اللہُ یُفْتِیْکُمْ فِیْھِنَّ وَمَا یُتْلیٰ عَلَیْکُمْ فِیْ یَتٰمَی النِّسَآئِ الّٰتِیْ لَا تُؤْتُوْنَھُنَّ مَا کُتِبَ لَھُنَّ مَا کُتِبَ لَھُنَّ وَتَرْغَبُوْنَ اَنْ تَنْکِحُوْھُنَّ ( سورۃ النسآئِ : ۱۲۷ )

۽ فتوى پڇن توکان عورتن جي بابت چؤ ته الله فتوى ٿو ڏي اوهان کي انهن جي باري ۾ جيڪو تلاوت ڪيو ٿو وڃي اوهان تي ڪتاب ۾ يتيم عورتن جي باري ۾ آهي ، جو نه ٿا ڏيو انهن کي جيڪو لکيو ويو انهن جي لاءِ ۽ خواهش ٿا رکو ته نڪاح ڪيو انهن سان .

سيده عائشه صديقه رضي الله عنها کان روايت آهي ته جاهليت جي زماني ۾ جيڪڏهن ڪا يتيم نياڻي رهجي ويندي هئي ته ان جو وارث ڏسندو هو جيڪڏهن حسن ۽ مال ملڪيت واري هوندي هئي ته پاڻ ان سان نڪاح ڪندو هو ۽ ان جا حق ادا نه ڪندو هو ، پر جيڪڏهن اها حسن واري نه پر مال ۽ ملڪيت واري هوندي هئي ته ان سان نه پاڻ پرڻجندو هو ۽ نه ان کي ٻئي سان پرڻجڻ ڏيندو هو ته متان ان جو مڙس ملڪيت ۽ مال جي گهر ڪري پر پاڻ ئي ان جي ملڪيت هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

وَمَنْ کَانَ غَنِیًا فَلْیَسْتَعْفِفْ وَمَنْ کَانَ فَقِیْرًا فَلْیَاْکُلْ بِالْمَعْرُوْفِ  ( سورۃ النسآئ ِ : ۶ )

۽ جيڪو ( سنڀاليندڙ ) آسودو هجي تنهن کي گهرجي ته ( يتيم جي مال کائڻ کان پاسي رهي ۽ جيڪو مسڪين هجي سو مناسب (خدمت ) آهر کائيندو رهي .

اِنَّ الَّذِیْنَ یَأْکُلُوْنَ اَمْوَالَ الْیَتٰمٰی ظُلْمًا اِںَّمَا یَأْکُلُوْنَ فِیْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا  ( سورۃ النسآئِ : ۱۰ )

بيشڪ اهي ماڻهو جو کائي ٿا وڃن مال يتيمن جا ظلم تحقيق کائن ٿا پيٽن پنهنجن ۾ باهه  

وَاِنِ امْرَأۃٌ خَافَتْ مِنْ بَعْلِھَا نُشُوْزًا اَوْ اِعْرَاضًا فَلاَ جُنَاحَ عَلَیْھِمَا اَنْ یُصْلِحَا بَیْنَھُمَا صُلْحًا وَالصُّلْحُ خَیْرٌ ( سورۃ النسآئِ : ۱۲۸ )

۽ جيڪڏهن ڪا عورت خوف ٿي رکي پنهنجي مڙس کان ٽهڪڻ جو يا منهن موڙڻ جو پوءِ ناهي ڪو گناهه انهن ٻنهي تي جو صلح ڪن پاڻ ۾ صلح ڪرڻ ۽ صلح ڀلو آهي .

Post a Comment

Previous Post Next Post

Featured Post