حضرت عائشه صديقه

نجم الدین بھٹو

 اڄ جي ڪالم جو عنوان آهي حضرت عائشه صديقه هي به نبي ڪريم جن جي گھرواي آهي، ۽ مومنن جي ماءُ آهي. بلڪ نبي ڪريم جن جي محبوب ترين گھرواري آهي. سندن جا امت تي تمام گھڻا احسان آهن، پاڻ ڪريم جن جو علمي فيض بيبي عائشه صديقهکان جاري ٿيو آهي، جيڪو رهندي دنيا تائين سندن لاءِ صدقه جاريه پڻ آهي. بيبي سائنڻ هن امت جي محسنه هئي، اڄ جي هن ڪالم ۾ بيبي عائشه صديقه بابت پڙهندڙن جي خدمت ۾ معلومات پيش ڪرڻ گھران ٿو.


نالو ۽ نسب:

سندن نالو عائشه ، لقب صديقه ۽ حميرا هو، سندن پورو نسب جو سلسلو هن طرح آهي عائشه بنت ابي بڪر بن ابي قحافه بن عثمان بن عامر بن عمر بن ڪعب بن سعد بن تيم هو، ۽ ماءُ جي طرفان نسب هن طرح آهي: عائشه بنت ام رومان بنت عامر بن بن عويمر بن عبد شمس بن عتاب بن بن اذينه بن سبع بن دهمان بن حارث بن غنم بن مالڪ بن ڪنانه
ولادت:

حضرت عائشه صديقه انهن ڀاڳ ڀرين ۾ شامل آهي جنهن جي پيدائش هڪ مسلمان گھرڻي ۾ ٿي هئي. حضرت عائشه صديقه فرمائي ٿي ته آئون پنهنجي پيدائش کان پوءِ پهرين ڏينهن کان ئي پنهنجي والدين کي مسلمان جي حالت ۾ ڏٺو. حضرت عائشه صديقه بعثت نبوي جي چار سال پوءِ پيدا ٿي.
ٻالڪپڻ جو زمانو:

حضرت عائشه صديقه انهن ڀاڳ ڀرين شخصيتن مان هڪ هئي جنهن جي ڪنن ڪفر ۽ شرڪ جو آواز ئي نه ٻڌو. حضرت عائشه صديقه جو ٻالڪپڻ حضرت ابوبڪر صديق جهڙي عظيم مرتبي واري پيءُ جي شفقت ۾ گذريو، ٻالڪپڻ ۾ به ٻين سڀني عام ٻارن کان ممتاز ۽ جدا هئي. حضرت عائشه صديقه تمام گھڻي ذهين ۽ هوشيار هئي. کيس ٻالڪپڻ واريون اهي سڀ ڳالهيون ياد هوس،
نڪاح:

نبي ڪريم جن جي سڀني گھروارين ۾ حضرت عائشه صديقه کي هي اعزاز حاصل آهي ته هي پاڻ ڪريم جن جي ڪنواري گھرواري هئي. حضرت عائشه صديقه پهريون جبير بن مطعم جي نالي ٿيل هئي. پر جڏهن حضرت خديجة الڪبريٰ جي وفات ٿي ته حضرت خوله پاڻ ڪريم جي اجازت سان ام رومان کي چيو. ام رومان حضرت ابوبڪر صديق کي ٻڌايو. حضرت ابوبڪر چيو ته آئون جبير بن مطعم سان واعدو ڪري چڪو آهيان، جيڪڏهن ان کي انڪار ڪندس ته وعدي خلافي ٿيندي، پر پوءِ ٿيو ائين جو جبير بن مطعم پاڻ انڪار ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن عائشه منهنجي گھر ۾ آئي ته اسلام گھر ۾ اچي ويندو. ان واقعي کان پوءِ حضرت خوله  جي ڪوشس سان پاڻ ڪريم جن حضرت ابوبڪر صديق  کان حضرت عائشه صديقه جو سڳ گھريو، حضرت ابوبڪر صديق  پاڻ ڪريم جن جو اسلامي ڀاءُ هو ، انهيءَ نهايت ئي عجب مان پڇيو ته ڇا ڀاءُ جي ڌيءَ سان نڪاح ٿي سگھي ٿو. حضرت خوله  پاڻ ڪريم جن کان پڇيو پاڻ ڪريم جن فرمايو ته ابوبڪر ته منهنجو اسلامي ڀاءُ آهي ۽ اسلامي ڀاءُ جي اولاد سان نڪاح جائز آهي. حضرت ابوبڪر صديق جي لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي ٿي سگھي ٿي جو سندس نياڻي ٻنهي جهانن جي سردار جي نڪاح ۾ اچي ته حضرت ابوبڪر صديق  انهيءَ مهل راضي ٿي ويو. ۽ شوال جي مهيني ۾ پنج سؤ حق مهر جي عيوض پاڻ ڪريم جن سان حضرت عائشه صديقه جو نڪاح ٿي ويو. حضرت ابوبڪر صديق  پاڻ نڪاح جو خطبو پڙهايو. ان وقت حضرت عائشه صديقه جي عمر ڇھ سال هئي.

نڪاح کان پهريون پاڻ ڪريم جن حضرت عائشه صديقه کي خواب ۾ ٻه ڀيرا ڏٺو. پاڻ ڪريم جن ڏٺو ته حضرت عائشه صديقه ريشمي ڪپڙي ۾ ويڙهيل آهي، ڪنهن پاڻ ڪريم جن کي چيو ته هي اوهان جي گھرواري آهي، پاڻ ڪريم جن منهن کولي ڏسن ٿا ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اها حضرت عائشه صديقه آهي. پاڻ ڪريم جن خواب ۾ ئي فرمايو ته جيڪڏهن هي الله تعاليٰ جي طرفان آهي ته ائين ٿي ويندو.

شوال جي مهيني ۾ نڪاح ڪرڻ جو سبب: هڪ ڀيري شوال جي مهيني ۾عرب ۾ طاعون جي بيماري پکڙجي وئي، جنهن ڪري هزارين ماڻهو مري ويا، ڪيترائي گھر ويران ٿي ويا. عرب ان وقت کان ئي شوال جي مهيني کي منحوس ۽ برو سمجھندا هئا. ۽ شوال جي مهيني ۾ ڪنهن به قسم جي خوشي جي محفل ڪرڻ کان پاسو ڪندا هئا. حضرت عائشه صديقه جو نڪاح به شوال جي مهيني ۾ ٿيو ۽ رخصتي به ڪجھ سالن کان پوءِ شوال جي ئي مهيني ۾ ٿي. ان واقعي مان شوال مهيني جي نحوست جو وهم ماڻهن جي دلين مان ختم ٿي ويو.

هجرت ۽ رخصتي: حضرت عائشه صديقه جي نڪاح کان پوءِ پاڻ ڪريم جن ٽن سالن تائين مڪي پاڪ ۾رهيا. ان کان پوءِ هجرت جو سلسلو شروع ٿي ويو. ۽ اصحابي سڳورامديني ۾ پهچڻ لڳا. حضرت ابوبڪر صديق  به پاڻ ڪريم جن کان هجرت جي اجازت گھري، پر پاڻ ڪريم جن فرمايو ته تڪڙ نه ڪر اميد آهي ته الله تعاليٰ ڪنهن کي تنهنجو رفيق بڻائي. اهو ٻڌي حضرت ابوبڪر صديق  کي هي اميد نظر ۾ آئي ته ٿي سگھي ٿو پاڻ ڪريم جن سان مان سفر ڪريان. پوءِ الله تعاليٰ جي حڪم سان پاڻ ڪريم ۽ حضرت ابوبڪر صديق  هجرت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجي گھر ڀاتين کي ڇڏي مديني منوره وڃڻ لڳا ته حضرت عائشه صديقه سفر جو سامان ٺاهيو. حضرت ابوبڪر صديق  حضرت عائشه صديقه ۽ پنهنجي گھر ڀاتين کي مڪي پاڪ ۾ ئي ڇڏي ويو.مديني ۾ پهچي پاڻ ڪريم ۽ حضرت ابوبڪر صديق  پنهنجي گھر ڀاتين کي گھرائڻ لاءِ زيد بن حارثه  ، ابو رافع  ۽ عبدالله بن اريقط کي موڪليو.انهن کي ٻه اُٺ ۽ پنج سؤ درهم به ڏئي ڇڏيا، واپسيءَ تي حضرت زيد بن حارثه سان گڏ حضرت فاطمه  ، حضرت ام ڪلثوم ، حضرت سوده  ، ام ايمن ۽ حضرت اسامه بن زيد هئا، ۽ عبدالله بن اريقط سان گڏ ام عبدالله بن ابي بڪر  ، ام رومان ، حضرت عائشه صديقه ۽ اسماءُ بنت ابي بڪر صديق  هئي. ان هجرت واري سفر ۾ حضرت عائشه صديقه ۽ سندس والده ٻئي هڪ ئي ڪجاوي ۾ ڏاچيءَ تي سوار هيون.رستي ۾ هڪ هنڌ اُٺ ڇرڪي پيو جنهن ڪري حضرت ام رومان پرشان ٿي ۽ گھٻراهٽ ۾ هيئن چوڻ لڳي هاءِ منهنجي ڌيءَ! هاءِ منهنجي ڪنوار! پر الله تعاليٰ جي طرفان انهيءَ وقت مدد هي ٿي ته غيبي آواز آيو اُٺ جي نڪيلي ڇڏي ڏيو، حضرت عائشه صديقه فرمائي ٿي ته مان اُٺ جي نڪيلي کي ڇڏي ڏنو ۽ اُٺ خاموش ٿي ويو، الله تعاليٰ اسان سڀني جي ان اوچتي حادثي کان بچايو. جڏهن هي قافلو مديني منوره ۾ پهتو ته ان وقت پاڻ ڪريم جن مسجد نبوي ۽ ان جي ٻاهران ڪمرا ٺهرائي رهيا هئا. حضرت عائشه صديقه بنو حارث بن خزرج جي محلي ۾ پنهنجي مائٽن سان گڏ هئي، مديني منوره جي آب هوا ۽ موسمي حالت مڪي وارن جي لاءِ موافق نه هئي، انهيءَ ڪري شروع ۾ مهاجر بيمار ٿي ويا هئا، حضرت ابوبڪر صديق  به بيمار ٿي ويو هو، حضرت عائشه صديقه سندن پر گھور ڪئي، حضرت ابوبڪر صديق  جي ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ حضرت عائشه صديقه پاڻ بيمار ٿي وئي، هڪ مهنيي تائين مسلسل بيمار رهي، بيماريءَ جي ڪري حضرت عائشه صديقه جا وار ڇڻڻ لڳا، جڏهن حضرت عائشه صديقه ٺيڪ ٿي وئي ته حضرت ابوبڪر صديق  پاڻ ڪريم جن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول! هاڻي عائشه کي پنهنجي گھر وٺي اچو، پاڻ ڪريم جن فرمايو ته هن وقت ايتري رقم مون وٽ ڪونهي، ان تي حضرت ابوبڪر صديق  پاڻ ڪريم جن جي خدمت ۾ پنج سؤ درهم اڌارا ڏنا. پاڻ ڪريم اها رقم حضرت عائشه صديقه ڏانهن موڪلي ڇڏي. اهڙي طرح حضرت عائشه صديقه جي شادي پاڻ ڪريم جن سان ٿي وئي. رخصت وقت حضرت عائشه صديقه جي عمر نؤ سال هئي.

پاڻ ڪريم جي حضرت عائشه صديقه سان محبت: پاڻ ڪريم جن کي حضرت عائشه صديقه سان تمام گھڻي محبت هئي، ايتري قدر جو فضل ۽ ڪمال ۽ ٻين خوبين جي ڪري به پاڻ ڪريم جن کي حضرت عائشه صديقه سان ٻين گھروارين کان تمام گھڻي پياري هئي، حضرت عمرو بن عاص  پاڻ ڪريم جن کان پڇيو ته اوهان کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪير پيارو آهي؟ پاڻ ڪريم جن فرمايو ته عائشه صديقه مون کي پياري آهي. تنهن تي حضرت عمرو بن عاص وري ٻيهر عرض ڪيو ته سائين مردن مان اوهان کي ڪير وڌيڪ پيارو آهي؟ پاڻ ڪريم جن فرمايو ته مردن ۾ مون کي ابوبڪر سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي.

هڪ ڀيري حضرت عائشه صديقه جو هار گم ٿي ويو ته پاڻ ڪريم جن ڪجھ صحابين سڳورن کي ان هار ڳولهڻ لاءِ موڪليو. ان هار جي ڳولهڻ لاءِ ڪجھ صحابي سڳورا نڪتا ته رستي ۾ نماز جو وقت ٿي ويو. پاڻيءَ جو پري پري تائين نانءُ نشان به نه هو، ان ڪري صحابين بنا وضوءَ جي نماز پڙهي، موٽي اچي صحابين سڳورن سڄي حقيقت پاڻ ڪريم جن کي ٻڌائي. ان وقت تيمم جي آيت نازل ٿي. حضرت اسيد بن حضير  ان واقعي کي حضرت عائشه صديقه جي تمام وڏي فضيلت سمجھي جو سندن هار ڳولهڻ لاءِ ويل صحابين کي پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ الله تعاليٰ تيمم جو حڪم نازل فرمايو، اهو به حضرت عائشه صديقه جي ڪري ٿيو، نه هار گم ٿئي ها نه صحابي سڳورا ان کي ڳولهڻ وڃن ها ته پوءِ تيمم جو حڪم ڪيئن نازل ٿئي ها، معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ به حضرت عائشه صديقه جي فضيلت ۽ ٻنهي جهانن جي سردار محمد ڪريم جي محبت به معلوم ٿئي ٿي.

پاڻ ڪريم جون آخري گھڙيون ۽ حضرت عائشه صديقه جو اعزاز: ربيع الاول سن 11 هجريءَ ۾ پاڻ ڪريم جن جي وفات ٿي. تيرهن ڏينهن پاڻ ڪريم جن بيمار رهيا، پر جڏهن پاڻ ڪريم جن کي وفات واري بيماري شروع ٿي ڪجھ ڏينهن پاڻ ڪريم پنهنجي واري جي حساب سان پنهنجي سڀني گھروارين ڏانهن ويندا رهيا. پر جڏهن بيماري وڌي وئي ته ۽ پاڻ ڪريم پنهنجي ٻين گھروارين کان اجازت گھري ته آئون بيماريءَ ۾ حضرت عائشه صديقه وٽ رهڻ گھران ٿو سڀني گھروارين ان جي اجازت ڏني. پاڻ ڪريم حضرت عائشه صديقه جن وٽ آيا ۽ وفات تائين حضرت عائشه صديقه جن وٽ رهيا. ان مان به حضرت عائشه صديقه جي فضيلت ۽ عظمت معلوم ٿئي ٿي. حضرت عائشه صديقه کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ وارن کي گھرجي ته هو پنهنجي آخرت کي برباد نه ڪن ام المومنين حضرت عائشه صديقه جي عظمت جي گواهي الله تعاليٰ جي قرآن به ڏني آهي، جيستائين قرآن پڙهيو ويندو حضرت عائشه صديقه جي عظمت بيان ٿيندي رهندي، 

پاڻ ڪريم جن جي وفات: سومر جو ڏينهن هو. پاڻ ڪريم جن حضرت عائشه صديقه وٽ ئي هئا، حضرت عائشه صديقه جي هنج ۾ مٿو مبارڪ رکي ليٽي پيا ته انهيءَ حالت ۾ پاڻ ڪريم پنهنجي رب سان مليا.

اخلاق ۽ عادتون: حضرت عائشه صديقه پنهنجي مڙس حضرت محمد ڪريم جي فرمانبرداريءَ ۽ سندن رضا جو تمام گھڻو خيال ڪندي هئي، پاڻ ڪريم جي مائٽن جو به حضرت عائشه صديقه تمام گھڻو خيال ڪندي هئي. هڪ ڀيري ابن اسحاق  حضرت عائشه صديقه سان ملڻ آيو، حضرت عائشه صديقه ان کان پردو ڪيو، ابن اسحاق چيو ته آئون ته نابين آهيان اوهان کي ڏسي نه سگھندس، حضرت عائشه صديقه جواب ۾ فرمايو ته آئون ته نابين نه آهيان. آئون ته ڏسي سگھان ٿي. ان ڪري پردو ڪرڻ گھرجي. اڄ جي اسان جي امڙين ڀينرين کي ان مان سبق وٺڻ گھرجي ته اسان جي آقا حضرت محمد ڪريم جي گھروارين ڌاري مرد کان پردو ڪيو ان ڪري اڄ جي امڙين ۽ ڀينرين کي به هر غير مرد کان پردو ڪرڻ ضروري آهي.

حضرت عائشه صديقه نهايت سخي ۽ مهمان نواز هئي وٽان ڪير به سوالي خالي نه ويندو هو، هڪ ڀيري حضرت عائشه صديقه پاڻ روزي سان هئي ۽ گھر ۾ هڪ مانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه هو، هڪ عورت سوال ڪندڙ وٽس آئي ۽ سوال ڪيو ته حضرت عائشه صديقه پنهنجي نوڪراڻي کي چيو ته اهان ماني ان کي ڏئي ڇڏ. پاڻ ضرورت مند هجڻ جي باوجود اها هڪ ماني به سواليءَ کي ڏنائون، ان مان حضرت عائشه صديقه جي سخا جو اندازو ٿي وڃي ٿو اهو هڪ واقعو پڙهندڙ جي خدمت ۾ پيش ڪيم اهڙا ڪئي مثال ۽ واقعا ملن ٿا، 

حديث نبوي ۽ علم نبوي پکيڙڻ ۾ حضرت عائشه صديقه جو ڪردار: حضرت عائشه صديقه کي لکڻ پڙهڻ ايندو هو، پر پاڻ لکندي نه هئي، روايت ۾ آهي ته حضرت عائشه صديقه جو ڀاڻيجو حضرت عروه بن زبير حضرت عائشه صديقه ۽ ٻين صحابين جون حديثون لکيو هيون، جيڪي حره جي جنگ ۾ ضايع ٿي ويون هيون، حضرت عائشه صديقه جن جا ٻيا به شاگرد هئا.انهن ۾ هڪ عورت عمره بنت عبدالرحمٰن هئي، جنهن جي ننڍپڻ ۾ ئي حضرت عائشه صديقه پرورش، تعليم ۽ تربيت ڪئي هئي. خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيز پنهنجي مديني جي گورنر حضرت ابوبڪر محمد عمرو بن حزم کي جيڪو حضرت عمره جو ڀاڻيجو هو هدايت موڪلي هئي عمره بنت عبدالرحمٰن ۽ قاسم بن محمد جن وٽ جيڪو علمي ذخيرو حديثن جي صورت ۾ آهي، ان کي لکي محفوظ ڪريو. هي قاسم بن محمد حضرت عائشه صديقه جو ڀائٽو هو، يتيم هجڻ ڪري ان جي پرورش، تعليم ۽ تربيت حضرت عائشه صديقه جن پاڻ ڪئي، هي تمام وڏو عالم هو. ۽ حضرت عائشه صديقه جو شاگرد هو. جيئن ته ابو عينيه جو بيان آهي ته حضرت عائشه صديقه جي حديثن کي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ ڄاڻڻ وارا عمره بنت عبدالرحمٰن ۽ قاسم بن محمد هئا. حضرت عائشه صديقه جي شاگردن جو تعداد ٻه سؤ ٻڌايو وڃي ٿو.جن ۾ مختلف صحابيب سڳورن کان سواءِ تابعين جو به وڏو تعداد شامل آهي. حضرت عائشه صديقه جي ڪجھ شاگردن جا نالا هي آهن: حضرت ابوهريره ، حضرت ابوموسيٰ اشعري، حضرت عبدالله بن عباس، حضرت عبدالله بن عمر، حضرت عمرو بن عاص، حضرت عبدالله بن زبير، حضرت بريره، حضرت عروه بن زبير، حضرت قاسم بن محمد بن ابي بڪرؒ، حضرت ابو سلميٰ بن عبدالرحمٰن، حضرت مسروق بن اجدعؒ، حضرت معاذه بنت عبداللهؒ عدويه، حضرت صفيه بنت شيبهؒ، حضرت عمره بنت عبدالرحمٰن، حضرت عائشه بنت طلحه ۽ امام نخعيؒ.

وفات: حضرت عائشه صديقه جي وفات اڱاري جي رات 17 رمضان المبارڪ 58 هجري ۾ ٿي. ڪن جو چوڻ آهي ته سندن وفات 57 هجري ۾ ٿي آهي. سندن وفات وقت عمر 63 سال هئي، هي حضرت امير معاويه جي خلافت جو زمانو هو، حضرت ابو هريره سندن جنازي نماز پڙهائي، کين قبر ۾ حضرت قاسم بن محمد، حضرت عبدالله بن عبدالرحمٰن، حضرت عبدالله بن ابي عتيق، حضرت عروه بن زبير ۽ حضرت عبدالله بن زبير لاٿو، ائين نبي ڪريم جي محبوب ترين گھرواري ۽ مومنن جي ماءُ پنهنجي رب سان وڃي ملي. وفات مهل هر هڪ تي غم جي لهر ڇانيل هئي، حضرت عبدالله بن عمر هڪ ماڻهو کان پڇيو ته عائشه صديقه جي وفات تي ڪنهن کي ڪنهن کي ڏک ۽ صدمو رسيو؟ ان جواب ڏنو حضرت عائشه صديقه جن ماڻهن جي ماءُ هئي، انهن سڀني کي ڏک ٿيو آهي.

 

 

Post a Comment

Previous Post Next Post

Featured Post