حضور پهریون فَنَاءٌ فِي الْأَفْعَالِ هن حضور کي حجر ۽ مدر چوندا آهن. حجر جي معني آهي "پٿر" ۽ مدر جي معني آهي "ڀتر ٺڪر " . اهي ٻئي شيون مادي يعني بي حس آهن، جن کی چرڻ ڦرڻ ۾ پنهنجو ڪو اختيار نه آهي. اھڙي طرح سان ٻانهي (انسان) کي به پنهنجن ڪمن تي ڪوبه اختيار يا وس نه آهي. ياد رهي ته طریقت جا مشائخ پنهنجن مريدن کي، شغلن کان پوءِ حضورن ۾ فنا ڪرائین ٿا پهريائين انهن کي ”فناء تعالي“ جي حضور سان مشرف ٿا ڪن. هن حضور جي فڪر ڪرڻ جي ترڪيب (واٽ) هن ريت آهي ته سالڪ کي گهرجي ته پنهنجي وجود کي جمادي شين پٿر ۽ ڀتر وانگر، پاڻ کي به بي حس ۽ بي وس ڄاڻي، ڇاڪاڻ ته انهن کي پاڻ از خود هڪڙي هنڌ كان ٻئي هنڌ چرڻ ڦرڻ جو ڪوبہ اختیار يا طاقت نه آهي ۽ اهي هڪڙي ئي جاءِ تي جتي ڇڏبو اتي پيا هوندا آهن. انسان جو قلب جيڪو فڪرن جو گهر آهي تنهن ۾ پاڻ کي پوري توجه ۽ خوض سان بي حس بي وس هئڻ جو تصور ڪري ، پنهنجن سمورن خيالن، خطرن ۽ وسوسن كي هن حضور ۾ ايتري قدرته محو ميساري ڇڏي جو پاڻ کي سڀني ڪمن ۾ ”مسلوب الفعل“ ڄاڻي ۽ سڀني ڪمن جو فاعل (ڪم ڪندڙ) حق سبحانه وتعالي كي ڄاڻي، پوءِ وٽانئس جيڪي ڪم صادر ٿين. جهڙوڪ چرڻ ڦرڻ، ڏیڻ وٺڻ، ڳنڍڻ ڇنڻ، کائڻ پیڻ ۽ اٿڻ ويهڻ ۽ سمهڻ وغيره، انهن ڪمن كان سواءِ ٻيا بـه جيڪي ڪم ٻانهي (سالڪ) جي وجود مان ظاهر ٿين، انهن سڀني ڪمن ۽ فعلن جي نسبت فاعل حقیقی جل شانه ڏانهن منسوب ڪري ۽ انهن ڪمن کی پاڻ ڏانهن نسبت نه ڏي، ڇاڪاڻ ته حق سبحانه وتعالى پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمائی ٿو : وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ ( يعني: الله ئي آهي جنهن اوهان کي خلقيو ۽ انهن ڪمن كي به جيڪي اوهين ڪريو ٿا ). انهيءَ فڪر ڪرڻ سان سڀني ڪمن جي نسبت فاعل حقيقي ڏانهن موٽندڙ ٿئي ٿي ۽ سالڪ جي وجود تان به بار لهي ڇوٽڪارو ملي ٿو ۽ جيڪا نسبت ”مون“ ۽ ”آئون“ واري هئي، سا منجهانئس نڪري وڃي ٿي ۽ ڪمن جي نسبت واري امانت سا حقیقی امانت ڏیندڙ كي وڃي ملي ٿي. انهي سلسلي ۾ ڪنهن بزرگ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي. بیت اجزاء وجودم همگی دوست گرفت نامی ست از من بر من باقي هم اوست يعني منهنجي وجود جا مڙيئي جزا دوست نيا (دوست جي اختیار ۾ آهن) مون تي فقط نالو آهي باقي سڀ اهو پاڻ آهي. پوءِ اي طالب تون ڌيان ڪري ڏس ته باقي ڇا بچيو سڀ ڪجھ اهو آهي، باقي سب کجھ فَنَاءُ الفَناء ٿيو ۽ وچ مان ”من (آئون)“ ۽ ”ما (اسین)“ وارو بهانو ويو پاڻ فاعل ۽ مفعول ٿيو، يعني سڀني ڪمن جو ڪندڙ به پاڻ ۽ ڪیل ڪم به پاڻ انهيءَ وقت سالڪ ٻين سڀني ڪلامن ۽ ڳالهين كان خاموش ٿي هن ریت پیو آلاپیندو ع ”من نیستم این فعل قدرت تست “ يعني آئون ڪي ڪين آهيان، آئون تنهنجي قدرت جو ڪرشمو (فعل) آهیان. اهڙي فڪر ڪرڻ كان پوءِ هن هنڌ تي شرڪ كان پڻ ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ٿو، جيڪو عظیم گناه آهي ۽ عبادتن جي غیر مقبولیت جو باعث ٿئي ٿو حق سبحانه و تعالی قرآن شریف ۾ بي شمار جاين تي شرڪ بابت تنبيه ڪئي آهي ۽ الله تعالي فرمائی ٿو ته آئون اوهان جا سڀ گناه بخشیندس مگر شرڪ وارو گناه نه بخشيندس، جيئن فرمائی تو : إِنَّ اللَّهَ لَا يَغْفِرُ أَنْ يَشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَالِكَ ، يعني : تحقيق الله تعالي شرڪ ڪرڻ وارن كي نه بخشيندو ۽ شرڪ كان سواء ٻیا گناه بخشيندو. هن شغل كي تيستائين نه ڇڏجي، جيستائين ڪه هن حضور جي حقيقت پنهنجي وجود ۾ ڪما ينبغي ظاهر نه ٿي آهي. انهيءَ ڪري سچي مخلص طالب کي گهرجي ته هن حضور واري شغل ۾ گھٹي ڪوشش ۽ همت سان مشغول رهي جيئن هن حضور جو اثر مٿس ظاهر ٿئی ۽ پاڻ کي سڀني ڪمن كان مسلوب ڄاڻي، ڪمن جي نسبت حقيقي فاعل جل شانه ڏانهن ڪري ۽ سڀ ڪجھ ان كان ڪري ڄاڻي، جڏهين انهيءَ حضور وارو شغل سندس وجود ۾ ظاهر ٿئي ته پوءِ الله تعالي جو شڪراڻو بجا آڻي هر وقت الله تعالي جي حمد۽ ساراه ۾ مشغول رهي ، ساڻس محبت ۽ رغبت گهڻي ركي.
مختصر اور آسان معنی
فناءٌ فِی الأفعال کا
مطلب یہ ہے کہ:
بندہ یہ یقین پیدا کر لے کہ اصل فاعل (کام کرنے والا)
اللہ ہے،
انسان کے پاس اپنے کسی فعل پر حقیقی اختیار نہیں۔
جو کام انسان سے ظاہر ہوتے ہیں—چلنا، بولنا، اٹھنا،
بیٹھنا، کھانا، پینا—اصل میں اللہ کی قدرت سے ہیں، بندہ خود کچھ نہیں کر سکتا۔
جس طرح پتھر اور مٹی کا ڈھیلا خود
حرکت نہیں کر سکتا، اسی طرح سالک (روحانی مسافر) اپنے آپ کو بے اختیار سمجھتا ہے
اور ہر عمل کی نسبت اللہ کی طرف کرتا ہے۔
تفصیلی وضاحت (آسان زبان میں)
فنا
فی الأفعال کیا ہے؟
تصوف میں سالک کو پہلے “فناءٌ فِی الأفعال” کا مقام
سکھایا جاتا ہے۔ اس کا مقصد ہے کہ انسان:
- اپنی حرکات و سکنات
کو اپنا نہ سمجھے
- بلکہ ہر عمل کو اللہ
کی طرف منسوب کرے
- اپنے اندر سے “میں،
میری، میں نے کیا” کا تصور ختم کر دے
سالک محسوس کرتا ہے:
"اصل کام کرنے والا اللہ ہے، میں نہیں۔"
پتھر اور مٹی
کا مثال کیوں؟
اس لیے کہ پتھر:
- خود سے نہیں چلتا
- کوئی کام اپنی طاقت
سے نہیں کرتا
- جہاں رکھ دیا جائے،
وہیں رہتا ہے
سالک کو بھی یہی تصور کرنا ہے کہ:
"میں اپنی طاقت سے کچھ نہیں کر سکتا، ہر کام اللہ
کی مشیت سے ہو رہا ہے۔"
سالک کی مشق
(فکر)
سالک اپنے دل میں اس بات کا گہرا تصور کرتا ہے کہ:
- میں بے بس ہوں
- میں بے اختیار ہوں
- جو کچھ ہو رہا ہے
اللہ کے حکم سے ہو رہا ہے
- میرا دل، دماغ، جسم—
سب اللہ کی قدرت کے تابع ہیں
یہ تصور اس قدر مضبوط ہو جائے کہ:
- وسوسے، خیالات،
“میں” کی دعوے بازی—سب مٹ جائیں
- اعمال کی نسبت اپنی
ذات سے ختم ہو کر اللہ کی طرف منتقل ہو جائے
قرآن کی دلیل
اللہ فرماتا ہے:
وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ
"اللہ
نے تمہیں بھی پیدا کیا اور وہ اعمال بھی جو تم کرتے ہو۔"
یہ صاف اعلان ہے کہ اصل فاعل اللہ ہے۔
5. “میں اور ہم” کا مٹ جانا
جب سالک اس مقام پر آتا ہے تو اس کے دل سے:
- "میں نے
کیا"
- "میری قوت
ہے"
- "میری محنت
ہے"
جیسے خیالات ختم ہو جاتے ہیں۔
ایک بزرگ نے کہا:
میرے وجود کے سارے اجزاء اللہ کے قبضے میں ہیں،
میرے پاس صرف نام ہے، باقی سب کچھ وہی ہے۔
اس
مقام کا فائدہ
- نفس کی بڑائی ختم
- غرور ختم
- شرک کے باریک ترین
راستوں سے نجات
- اعمال میں اخلاص
- اللہ کی قربت میں
اضافہ
سالک کہنے لگتا ہے:
"میں
تو کچھ نہیں، یہ سب تیری قدرت کا فعل ہے۔"
نتیجہ
آخر میں سالک اس حقیقت پر پہنچتا ہے کہ:
- ہر حرکت اللہ کے حکم
سے ہے
- ہر فعل اللہ کی قدرت
سے ہے
- بندہ “مسلوب الفعل”
ہے (یعنی اپنے فعل کا مالک نہیں)
- فاعل حقیقی ہمیشہ
اللہ ہے
اور جب یہ کیفیت پوری طرح ظاہر ہو جائے تو سالک پر شکر،
حمد اور اللہ کی محبت طاری رہتی ہے۔
Post a Comment