دیني مدارس جي فارغ التحصیل عالمن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪري حاصل ڪرڻ جو شاندار موقعو.

هن ڀيري ٻين مضمونن سان گڏ اسلاميات  ۽ عربي ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر SST  ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ SS جون آساميون پڻ آهن.

سيڪندري اسڪول ٽيچر جون ڪل جايون ڏھ سيڪڙو يعني 231 اسلاميات ۽ عربي جون اهن ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جون اسلاميات لاءِ 100  سيٽون آهن.

ايس ايس ٽي لاءِ بي اي جو شرط آهي جن تنظيم المدارس يا ڪنهن ٻئي وفاق مان شهادت العاليه جو امتحان پاس ڪيو هجي اهي عربي ۽ اسلاميات ٽيچر ٻنهي ۾ ۽  جن شھادت العالميه جو امتحان پاس ڪيو آهي اهي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ لاءِ اپلائي ڪري سگهن ٿا.

اپلائي ڪرڻ کان پوءِ  هايئر ايجوڪيشن کان مساوي ڊگري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. ڇو ته آن لائن توهان جو فارم قبول ٿي ويندو. اصل ڪاغذ لکت واري ٽيسٽ کان پوءِ انٽرويو واري وقت گهريا ويندا. جيڪو پروسيس گهٽ ۾ گھٽ 3 کان 5 مهينن تائين ٿي سگهي ٿو.

 


Post a Comment

Previous Post Next Post

Featured Post